اظهار دلچسپي لاءِ گذارش
ننڍي سطح تي ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ مالي مدد Micro Grants
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت گهٽائڻ ۽ مجموعي ترقي جو پروگرام PAIDAR
پائيدار سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت جي خاتمي ۽ مجموعي ترقي وارو پنجن سالن جو پروگرام آهي، جنهن جي مالي سهائتا يورپي يونين پاران ڪئي ويئي آهي. ان پروگرام جو مقصد سنڌ حڪومت کي سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ “غربت گهٽائڻ جي حڪمت عملي (Poverty Reduction Strategy)” تي عمل درآمد ۾ مدد ڪرڻ آهي.
پائيدار منصوبي جو ڊگهي مدت وارو مقصد سنڌ صوبي جي غريب عورتن، مردن ۽ نوجوانن لاءِ غربت گهٽائڻ ۽ معيشيت جي بهتري ۾ حصو وٺڻ آهي. مٿين مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پائيدار منصوبو فني / ٽيڪنيڪل مد ۾ صلاحيتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ تربيت ڏيڻ سان گڏوگڏ مناسب تعداد ۾ ماڻهن جي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ مالي مدد (گرانٽ) پڻ ڏيندو. گڏيل قومن جي صنعتي ترقيءَ جو ادارو يونائيڊو سنڌ ۾ PAIDARپروگرام کي هلائڻ جو انتظام مختلف ڪاروباري ڀائيوارن ذريعي ڪري رهيو آهي. ايڪٽ انٽرنيشنل ٺٽه ضلعي ۾ پائيدار منصوبي جي مائڪرو گرانٽس ڪمپوننٽ (ننڍي / وچولي سطح جي ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ ننڍي مالي مدد) تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي ته جيئن ننڍي سطح جا ڪاروبار قائم ڪري سگهجن.
ايڪٽ انٽرنيشنل ٺٽه ضلعي جي اهل / قابل ڪاروباري ماڻهن کي ننڍي مالي مدد (مائڪرو گرانٽس) ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي ته جيئن اهي ماڻهو ننڍي ڪاروبارن کي قائم ڪن يا هلندڙ ڪاروبارن کي وڌائين يا ڪاروبارن ۾ نت نوان تصور شامل ڪن. اهي مقامي سطح جا ڪاروبار آمدني پيدا ڪرڻ، نوڪري برقرار رکڻ ۽ نيون نوڪريون پيدا ڪرڻ جي مضبوط صلاحيت رکندا هجن. اهي انفرادي ڪاروباري ماڻهو جيڪي ٺٽه ضلعي ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا. اهليت جي معيار تي پورو لهندڙ ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ رهنمائي طور ممڪنه ڪاروبارن جي لسٽ (فهرست) هيٺ ڏجي ٿي. ان کان علاوه به ڪنهن ٻي قابل عمل (ٿيڻ جوڳي) ڪاروبار لاءِ گرانٽ پڻ ڏئي سگهجي ٿي. جديد قسم جا ڪاروبار يا ٽيڪنالاجي تي مبني ڪاروبارن کي ترجيح ڏني ويندي. ننڍي گرانٽ جي حد 10,000يا ڏه هزار يورو يا ان کي پاڪستاني 33لک روپين جي برابر بيان ڪري سگهجي ٿو.
| نمبر | مختلف ڪاروبارن جي فرهست | نمبر | مختلف ڪاروبارن جي فرهست |
|---|---|---|---|
| 01 |
|
02 |
|
| 03 |
|
04 |
|
| 05 |
|
06 |
|
| 07 |
|
08 |
|
انهن سان ملندڙ ٻيا به ڪيترائي ڪاروبار ٿي سگهن ٿا جن لاءِ به درخواست ڏئي سگهجي ٿي.
ٻي ڳالهه ته ڪجهه اهڙا ڪاروبار جهڙوڪ انفرا اسٽرڪچر يا تعميراتي ڪم، زمين يا عمارت جي خريداري، ڪنهن به قسم جي گاڏين جي خريداري، آمدني نه وڌائڻ وارا ڪاروبار، زراعت، کير جي وڪري ۽ چوپائي مال جي خريد فروخت سان لاڳاپيل ڪاروبارن جي مد ۾ گرانٽس نه ڏني ويندي.
دلچسپي رکندڙ اميدوارن کي گذارش آهي ته اهي ضلعي ٺٽي جي ايڪٽ انٽرنيشنل آفيس مان گرانٽ جي لاءِ درخواست ۽ گهربل تفصيلي معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا. درخواست فارم ۽ تفصيلي هدايتون ايڪٽ انٽرنيشنل جي ويب سائيٽ www.act-international.orgتان پڻ ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿيون. درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 10جولاءِ 2026آهي. مقرر تاريخ کانپوءِ ڪا به درخواست وصول نه ڪئي ويندي. درخواست فارم ۾ ڏنل گهربل معيار ۽ صلاحيت رکندڙ (ڪاروبار ڪندڙ عورتن) جي حوصلا افزائي ڪئي ويئي آهي ته اهي (مائڪرو گرانٽس) مالي مدد لاءِ درخواست ڏين ۽ ننڍي سطح تي ڪاروبار ڪن. صرف معيار تي پورو لهندڙ درخواستگذارن سان رابطو ڪيو ويندو.